ٽنڊوالهيار( رپورٽر)  ٽنڊي الهيار ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿيار بندن فائرنگ ڪري سنڌ جي نالي واري ملھ پھلوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن  ٿاڻي جي حد  ٽنڊوسومرو روڊ تي نامعلوم هٿياربند  سرعام فائرنگ ڪري سنڌ جي نالي واري پهلوان علي حسن خاصخيلي کي قتل ڪري ڇڏيو، ٽنڊوسومرو روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار 45 ورھين جي ملھ پهلوان کي نامعلوم  ھٿيار بند ٽارگيٽ ڪري ماري ڇڏيو  علائقي واسين ملھ علي حسن خاصخيلي جي لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران لاش جو پورسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي، ملھ پهلوان علي حسن خاصخيلي مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار مٿان علائقي واسين فائرنگ ڪئي جيڪو موٽر سائيڪل ۽ پستول ڇڏي ڪيلي جي فصل ۾ لهي ويو علائقي  واسين  ۽ پوليس جو ڪيلي جي فصل کي گهيرائو جاري آهي، آخري اطلاع تائين تائين جوابدار ھٿ نه اچي سگھيا، جڏهن ته مقتول جو لاش سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو ويو جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو  جڏهن ته باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رات دير سان ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي مبينا جوابدار مجاهد ولد مير محمد گوپانگ گرفتاري پيش ڪئي جنهن بعد ٽنڊوالهيار ٿاڻي جو مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار به اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتو .  زريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار کان قتل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ ٿاڻي اندر ڪنهن کي به نه وڃڻ ڏنو ويو .